رائي گهراڻي جي تاريخ

رائي گهراڻي جي تاريخ

رائي گهراڻي جي تاريخ

رائي گهراڻي جي تاريخ (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ عبدالمجيد نائچ آهي. ڪتاب ۾ راءِ گهراڻي جي مختصر معلومات ڏني وئي آهي. راءِ گهراڻي جي بادشاهن راءِ سهيرس، راءِ سهيرس (ٻيو)، راءِ سهاسي (پهريون)، راءِ سهاسي (ٻيو) کان سواءِ برهمڻ گهراڻي جي راجا ڏاهر ۽ راڻي سونهن ديويءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ راءِ گهراڻي جي وزيرن ۽ ان دور جي هٿيارن ۽ جنگي اوزارن بابت مفيد معلومات ڏني وئي آهي. ڪتاب آرٽ پيپر تي رنگين تصويرن سان ڇپيل آهي، جنهن ۾ راءِ گهراڻي جي حڪمرانن جون خيالي تصويرون ڏنيون ويون آهن.
ڊبل ڪرائون سائيز جي رنگين ٽائيٽل ۽ 84 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو